سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس(ر) مقبول باقر سڀاڻي حلف کڻندو

سنڌ جو نامزد نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سڀاڻي عهدي جو حلف کڻندو، گورنر ڪامران ٽيسوري وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار جي اماڻيل سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ملاقات دوران جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ٿيو هو

پيپلز پارٽي پاران جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو نالو ڏنو ويو، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ به نالي تي اتفاق ڪيو ويو

نامزد نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ اهم ذميواري ملي آهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اسان معاونت ڪنداسين، ڪوشش آهي ته آئين مطابق صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن

هن چيو ته  ڪوشش هوندي ته عوامي مسئلا حل ٿين، قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪندس