افغانستان کي پاڪستان مان ڊپ، هندستاني ڪوچ رکي ڇڏيو

ڪابل: افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز کان اڳ هندستاني ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون. پرديپ ڪمار ميوادا کي بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي

افغان نيوز ايجنسي موجب افغان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ پريس رليز ۾ چيو آهي ته ملاپ ميوادا سريلنڪا ۾ افغانستان ڪرڪيٽ کي جوائن ڪندو. ملاپ ميوادا ان کان اڳ بنگلاديش خلاف سيريز ۾ افغان بورڊ سان گڏ ڪم ڪري چڪوآهي

واضع رهي ته افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت همبنٽوٽا ۾ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز جي تيارين ۾ مصروف آهي. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 22آگسٽ تي کيڏي ويندي

Afghanistan fear of Pakistan