اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر ٽرپل سينچري مڪمل ڪري ورتي

ڪراچي: ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽربينڪ ۾ پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ کان پوءِ ڊالر 300 روپين جو ٿي ويو آهي.

هفتي جي پهرين يوم آزادي جي موڪل سبب اڱاري جي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ٿي ته انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت صرف 21 پئسا واڌ سان 288 روپيه 28 پئسن تي اچي وئي پر بعد ۾ هيٺ مٿانهين جو رجحان جاري رهيو.

ڪرنسي ڊيلرز موجب انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ لاڳيتو اضافي جو رجحان  برقرار آهي. انٽربينڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قيمت 3 مهينن جي گهٽ کان گهٽ سطح تي اچي وئي.

ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي انٽربينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 3 روپيه مهانگو ٿي ويو. قيمت ۾ واڌ کان پوءِ هڪ آمريڪي ڊالر  291 روپيه 50 پئسا جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 روپيه مهانگو ٿي 301 روپين جو ٿي ويو.

ٻئي طرف نئين ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هيٺ مٿانهين جو رجحان برقرار آهي. 100 انڊيڪس 88 پوائنٽس مان وڌي 48 هزار 513 پوائنٽس تي پهچي ويو.