بشريٰ بي بي کي 9 مئي جي واقعن جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بي بي کي 9 مئي جي واقعن جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ واري درخواست تي فيصلو محفوظ، بشريٰ بي بي 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد آڏو پيش ٿي، جج محمد سهيل بشريٰ بي بي کي واقعن جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل سلمان صفدر به عدالت آڏو پيش ٿيو، بشريٰ بي بي جي عدالتي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ تي ڊيوٽي جج محمد سهيل کيس ويهڻ جي هدايت ڪئي

جڏهن ته عدالت بشريٰ بي بي خلاف ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ضمانت ۾ 7 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي