پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڌيڪ 3 ڪيسز ۾ ضمانت رد

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڌيڪ 3 ڪيسز ۾ ضمانت رد، دهشتگردي ٽوڙ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت غيرحاضري سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جي 3 ڪيسز ۾ ضمانت خارج ڪري ڇڏي

اي ٽي سي جج ابوالحسنات محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ چيئرمين جون غيرحاضري سبب ضمانتون رد ڪيون ويون، پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪُهنا ٿاڻي تي 3 ۽ باره ڪهو ٿاڻي تي هڪ ڪيس داخل هو

 ان کان اڳ لاهور جي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت به پي ٽي آءِ چيئرمين جي 7  ڪيسز ۾ عبوري ضمانت پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي هئي