سينئر صحافي جان محمد مهر حملي ۾ قتل، مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي

سکر: سکر ۾ گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل سينئر صحافي جان محمد مهر جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه کي چڪ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سکر جي سينئر صحافي جي پهرين جنازي نماز رات دير سان ساڍي 3 وڳي سکر جي مڪي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز بعد سندس مڙهه کي چڪ پهچايو ويو جتي اڄ صبح جو چڪ ۾ ٻيهر جنازي نماز بعد مڙهه کي مٽيءَ ماءُ  حوالي ڪيو ويو. سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل صحافين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. صحافين ۽ صحافتي تنظيمن پاران شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته گذريل رات نامعلوم هٿياربندن سينئر صحافي جان محمد مٿان حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته جان محمد مهر معمول موجب آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته لڪس پارڪ سامهون تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن مٿس سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سينئر صحافي جان محمد کي سيني، ڳلي ۽ اک وٽ گوليون لڳڻ سبب هو سخت زخمي ٿي پيو هو.

هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل جان محمد مهر کي پهرين سول اسپتال آندو ويو جتي علاج جي ڪابه سهوليت نه هجڻ سبب کيس خانگي اسپتال حرا آڻي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جان محمد مهر کي پٺي، سيني، ڳلي ۽ اک وٽ گوليون لڳيون گهڻو رت وهڻ ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري سندس آپريشن ٿيٽر ۾ ئي ساهه جو سڳو ٽٽي ويو.

Senior journalist John Muhammad Mehr was killed in the attack