آزادي جي ڏهاڙي تي قوم کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي: صدر ۽ وزيراعظم جو پيغام

اسلام آباد: صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي عوام کي 76هين سالگره تي مبارڪباد ڏيندي پيغام ڏنو آهي ته قوم کي چيلنجز سان منهن ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي عوام کي آزادي جي 76هين سالگره تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آزادي جو ڏهاڙو اسان کي خودشناسي جو موقعو ڏئي ٿو. قوم کي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. اڄوڪو ڏينهن گهر ڪري ٿو ته اسان ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه گهٻرائينداسين.

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي قيمتي تحفي لاءِ اسان قائداعظم جا هميشه احسان مند رهنداسين. اڄ به اسان کي اتحاد ۽ خوداعتمادي سان اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي آزادي جي 76هين سالگره تي سمنڊ پار پاڪستانين سميت سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اڄ اسان کي انهي جذبي کي اڳيان آڻڻ جي ضرورت آهي جيڪو تحريڪ آزادي جي سڃاڻپ هو.

هوڏانهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان سڀني کي  ملي ملڪ مان نفرت ۽ ورهاست جو خاتمو آڻڻو پوندو. پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بنائينداسين جنهن جي جمهوريت ۽ خوشحالي جون دنيا مثالون ڏئي. اڄوڪو ڏينهن قائداعظم ۽ ان جي قيادت جي آزادي جي لاءِ پرامن، سياسي جدوجهد ڪرڻ ۽ قربانيون ڏيندڙ پنهنجن بزرگن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

ٻئي طرف آصف زرداري، راجا پرويز اشرف، احسن اقبال، خواجه آصف، شيري رحمان ۽ ٻين طرفان آزادي جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغامن ۾ چيو ويو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪن انهي عهد جو ارادو رکن ٿا ته قائداعظم جي نظرئي موجب پاڪستان کي جمهوري ۽ فلاحي رياست بنائينداسين جنهن جي لاءِ شهيد بينظير ڀٽو ڊگهي جدوجهد ڪئي هئي.