سنڌ جو نگران وڏو وزير ڪير ٿيندو؟ ڳالهيون بنا نتيجي ختم

سنڌ جو نگران وڏو وزير ڪير ٿيندو؟ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون

اپوزيشن ليڊر رعنا انصار ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي

ذريعن موجب ملاقات دوران نگران وڏي وزير لاءِ في الحال ڪي به نالا غور هيٺ نه آيا، ٻنهي ڌرين پاران قيادت سان مشاورت بعد نگران وڏي وزير لاءِ نالا پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو

ذريعن موجب وڏي وزير ۽ رعنا انصار وچ ۾ سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي، ايم ڪيو ايم نگران وڏي وزير لاءِ يونس ڍاگا ۽ شعيب صديقي جا نالا ڏئي چڪي آهي

جي ڊي اي پاران به نگران وڏي وزير لاءِ صفدر عباسي، مرتضيٰ جتوئي، فضل الله قريشي ۽ عبدالله حسين هارون جا نالا ڏنا ويا آهن

گذريل ڏينهن وڏي وزير جي ايڊوائيس تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي، اسيمبلي سان گڏ سنڌ ڪابينا به ٽٽي پئي، نگران وڏي وزير جي مقرري تائين وڏو وزير مراد علي شاهه ڪم جاري رکندو