سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم هوندو

سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ ملڪ جو نگران وزيراعظم هوندو: اپوزيشن ليڊر راجا رياض جو ميڊيا آڏو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي

اپوزيشن ليڊر راجا رياض وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ مشاوت بعد ميڊيا کي نگران وزير اعظم جو نالو ٻڌايو

راجا رياض موجب مشاورت دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو هو ته نگران وزيراعظم جو تعلق ننڍن صوبن سان هوندو

وزير اعظم آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نگران وزير اعظم لاءِ سينيٽر انوار الحق جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي

وزير اعظم هائوس موجب وزير اعظم شهباز شريف، اپوزيشن ليڊر سان مشاورتي عمل ۾ سهڪار تي سندس ٿورا مڃيا

بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ 2018 ۾ سينيٽر چونڊجي آيو هو