سنڌ جو عوام روزگار کسڻ تي رستن تي اچي ويندو: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي عوام کان روزگار کسيو ويو ته اهو رستن تي اچي ويندو، هڪ لساني ٽولو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ پئسن تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جا الزام هڻي رهيو آهي،  سنڌ جي عوام کي ميرٽ تي بنا ڪنهن فرق جي نوڪريون ڏنيون اٿئون

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير چيو ته ڪراچي جو عوام اڳ به لساني سياست کي رد ڪري چڪو آهي

هن چيو ته ڪراچي واسي هاڻي به تعصبي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو، ڪراچي جي سيٽن سان ئي بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ڏيکاريندو

مراد علي شاهه چيو ته اسان عزت، وقار ۽ سڪون سان عوام ڏانهن واپس وڃي رهيا آهيون