12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيو: صدر جو وزيراعظم کي خط

اسلام آباد: صدر عارف علوي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو.
صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽوڙيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض کي خط لکي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 224 ون اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪندو آهي.
آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيملبي ٽوڙڻ جي ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم لاءِ نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مان وزيراعظم جي ايڊوائس منظور ڪندي 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي، هاڻ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.