پيپلز پارٽي جي حڪومت به ختم، سنڌ اسيمبلي ٽٽي وئي

ڪراچي: گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي

ذريعن موجب وڏو وزير مراد علي ساهه اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري کڻي گورنر هائوس پهتو

گورنر ڪامران ٽسوري سمري جي منظوري ڏيڻ بعد سنڌ اسيمبلي ٽٽي وئي آهي

سنڌ ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري تي مشاورت جو مرحلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ سڀاڻي ملاقات جا امڪان آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه پ پ قيادت کي نگران وڏي وزير جي مقرري بابت اعتماد ۾ ورتو آهي

پيپلز پارٽي هيل تائين نگران وڏي وزير لاءِ تجويز ٿيندڙ نالا ظاهر نه ڪيا، ايم ڪيو ايم نگران وڏي وزير لاءِ يونس ڍاگا ۽ شعيب صديقي جا نالا ڏئي چڪي

جي ڊي اي پاران به نگران وڏي وزير لاءِ صفدر عباسي، مرتضيٰ جتوئي، فضل الله قريشي ۽ عبدالله حسين هارون جا نالا ڏنا ويا

اسيمبلي ٽٽڻ باوجود نگران وڏي وزير جي مقرري تائين وڏو وزير مراد علي شاهه ڪم جاري رکندو