موسميات کاتي 13 آگسٽ کان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

لاهور: موسميات کاتي 13 آگسٽ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب 13 کان 16 آگسٽ تائين بادل ڄمي ويندا ۽ برسات پوندي. لاهور، سيالڪوٽ، نارووال، گوجرانوالا، گجرات، منڊي بهاءُ الدين، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چکوال، مري ۽ گليات ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڄ لاهور ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.