ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي

نئين دهلي: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب لوڪ سڀا ۾ حڪومتي اتحاد جون 331 ۽ اپوزيشن اتحاد جون 144 سيٽون آهن.
ڀارتي لوڪ سڀا ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ تي بحث جي موقعي تي جڏهن وزيراعظم نريندر مودي خطاب شروع ڪيو ته اپوزيشن ميمبرن واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو ۽ ايوان مان نڪري ويا.
اپوزيشن طرفان بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي معاملي تي مودي لوڪ سڀا ۾ 2 ڪلاڪ 13 منٽ ڊگهي تقرير ڪئي.
اپوزيشن جي واڪ آئوٽ کانپوءِ اسپيڪر بي اعتمادي تي زباني ووٽنگ ڪرائي، جنهن کانپوءِ ان کي رد ڪيو ويو.
لوڪ سڀا ۾ ٽي ڏينهن بحث کانپوءِ حڪومتي اتحاد اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي.
ياد رهي ته نريندر مودي خلاف 2018ع ۾ پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ به ناڪام ٿي وئي هئي.

  • شيئر