ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 12 ڪروڙ 46 لک ڊالر گهٽجي ويا

اسلام آباد: ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 4 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 12 ڪروڙ 46 لک ڊالر گهٽ ٿي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 4 آگسٽ تائين مجموعي ذخيرا 13 ارب 33 ڪروڙ 91 لک ڊالر رهيا.
ذخيرا 4 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ 12.46 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا، اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 11.04 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 8 ارب 4 ڪروڙ ڊالر رهيا.
ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 1.42 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 5.29 ارب ڊالر رهيا.