ورلڊ ڪپ لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو اعلان

 ممبئي ؛ ڀارت ۾ شيديول آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيڪٽن جي وڪرو جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ورلڊ ڪپ جي آن لائين ٽڪيٽن جي وڪرو 25 آگسٽ کان شروع ٿيندي، آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر کان ڀارت ۾ کيڏيو ويندو.

ميگا ايونٽ ۾ فائنل سميت ڪُل 48 ميچون کيڏيون وينديون، آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو فائنل 19 نومبر تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽورنامينٽ جي ٻن بهترين ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو آهي.

ٻئي پاسي انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل، ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميچن جي نئون شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب، پاڪ-ڀارت ميچ هاڻي 15 آڪٽوبر بدران 14 آڪٽوبر تي ٿيندو. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي 11 آڪٽوبر واري ميچ هاڻي ڏهه آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

شيڊيول موجب، پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون 11 نومبر تي آمهون سامهون ٿينديون، آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جون نوَ ميچون ري شيڊيول ڪيون ويون آهن.