قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينه جا الوداعي اجلاس اڄ طلب

اسلام آباد:  5 سالن جو مدو ختم ٿيڻ تي قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينه جا الوداعي اجلاس اڄ طلب ڪيا ويا آهن.

قومي اسيمبلي جو آخري اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي ٿيندو جنهن لاءِ 6 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. صدر پاران پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب دوران ٿورو ادا ڪرڻ جي تحريڪ آخري اجلاس ۾ به ايجنڊا طور تي موجود آهي.

صدر جي خطاب کان پوءِ تقريبن هر اجلاس ۾ ٿورو ادا ڪرڻ جي تحريڪ ايجنڊا ۾ شامل آهي پر ايوان طرفان ان کي منظور نه ڪيو ويو.، اڄوڪي ايجنڊا ۾ ڪنهن به قسم جي قانونسازي موجود نه آهي. ايجنڊا ۾ 2 ڌيان ڏياريو نوٽيس به موجود آهن.

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينه جو الوداعي اجلاس به اڄ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسيمبلين کي ٽوڙڻ ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويندو. وفاقي ڪابينه آئنده جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو به جائزو وٺندي.

اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه التوا هيٺ ايجنڊا جي منظوري ڏيندي ڪابينه طرفان اي سي سي، سي سي ايل سي ۽ سي سي آءِ جي فيصلن جي به منظوري ڏني ويندي.

  • شيئر