گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل باجوڙ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي

نيويارڪ: گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل باجوڙ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي.

گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ باجوڙ ڌماڪي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي عالمي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. سيڪيورٽي ڪائونسل سمورن لاڳاپيل ملڪن کان باجوڙ واقعي جي ڏوهارين خلاف فيصلو ڪندڙ ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورن ڪردارن، مالي مددگارن ۽ سهولتڪارن کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.

گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل چيو آهي ته سمورا لاڳاپيل ملڪ عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي تحت پنهنجي ذميوارين موجب ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ پاڪستان جي حڪومت سان تعاون ڪن.