گرمي جي موڪلن کانپوءِ اسڪول کُلي ويا،اڪثر اسڪولن ۾ پاڻي بيٺل

سنڌ ۾ اسڪول ٻن مهينن جي موڪلن کانپوءِ کُلي ويا آهن پر ڪيترن ئي شهرن ۾ اسڪولن ۾ پڙهائي شروع نه ٿي سگهي

ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات کانپوءِ اسڪولن اندر پاڻي بيهجي ويو آهي، لاڳاپيل انتظاميا پاران پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا جڏهن ته برسات جي ڪري اسڪولن اندر ڇتين مان چاپڙ ڪرڻ جا واقعا به پيش آيا آهن، اسڪولن جي موڪلن دوران اسڪولن مان چوريون به ٿي چڪيون آهن

ميهڙ ۾ ٻوڏ کانپوءِ اسڪولن جي مرمت نه ٿي، تازين برساتن ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جون ڇتيون ڪري پيون، رات برسات کانپوءِ اسڪول جي ڇتن مان پاڻي ٽمي رهيو آهي ۽ اسڪولن ۾ برساتي پاڻي به بيٺل آهي جنهن ڪري اسڪول ۾ پڙهائي وارو عمل شروع ناهي ٿي سگهيو، استادن سان گڏ شاگرد به پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن

ميهڙ ڀرسات ڳوٺ دڙي غلام علي کوسو جي پرائمري اسڪول جي چوديواري پٽ پئجي وئي، ڇت مان چاپڙ به ڪريا، پڙهڻ لاءِ آيل ٻارڙا محفوظ رهيا جڏهن ته موڪلن دوران ميرواڻي پرائمري اسڪول مان چور نلڪو پٽي ويا، فرنيچر به چوري ڪيا ويا

دولتپور صفن جي ڳوٺ مٺا خان جوکيو جي پرائمري اسڪول ڏانهن ويندڙ مين رستو برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ استادن کي به اسڪول ايندي پريشاني کي منهن ڏسڻو پيو، شاگردياڻيون ۽ شاگرد تعليمي ادارا کلندي ئي اسڪول پھچي ويا پر کين واپس وڃڻو پيو

ڳوٺاڻن انور جوکيو، محمد ياسين جوکيو، سنگھار جوکيو احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسڪولن جون موڪلون پوريو ٿيڻ کان پوءِ  اسان جا ٻارڙا اسڪول روانا ٿي ويا پر ڳوٺ جي اسڪول ڏانهن ويندڙ رستي ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري واپس گهر موٽي آيا، ھنن تعليم جي صوبائي وزير سردار شاھه ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ڏانهن ويندڙ رستي مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

ڦل شهر ۾ گرلز اسڪول ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي، ماسترياڻيون ۽ شاگردياڻيون ٻن مهينن جي موڪلن بعد اسڪول پهتيون ته اسڪول ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هو، اهڙي شڪايت باوجود لاڳاپيل انتظاميا پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به قدم نه کنيا

اسڪول جي هيڊمسٽريس ارشاد خاتون، حسنا سولنگي ۽ ٻين ماسترياڻين احتجاج ڪيو، هنن چيو ته ٻن مهينن جي موڪلن بعد اسان اسڪول آيون آهيون پر اسڪول اندر گوڏي جيترو برساتي پاڻي بيٺل آهي

گرلز مڊل اسڪول جي هيڊ مسٽريس ارشاد خاتون چيو ته ٽن ڪلاڪ کان اسڪول جي اسٽاف سان گڏ بيٺي آهيان، يوسي جي چيئرمين کي فون ڪال ڪئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي ۽ نه ئي تعليم کاتي جو ڪو آفيسر پهتو آهي ان ڪري اسڪول آيل شاگردياڻين کي واپس موڪلي ڇڏيو آهي

Schools opened after the summer holidays