موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو برقرار آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڊيره غازي خان، اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ بلوچستان جي علائقن ڪوئٽه، زوب، قلعه سيف الله، زيارت، بارکهان،  ڪوهلو، شيراني، برنائي، بولان، لورالائي، خضدار، لسبيله، ڪيچ، تربت، پنجگور، آواران ۽ ڀرپاسي جي ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان آهي

ايندڙ ٻن ڏينهن دوران اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، چارسده، مردان، نوشهره، ايبٽ آباد، مانسهره، گوجرانوالا،  گجرات، نارووال، سيالڪوٽ، لاهور، قصور ۽ فيصل آباد ۾ تيز برساتن  دوران هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته مري، گليات، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي جابلو علائقن ۾ ٻوڏ جو به خطرو آهي.

نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موسميات کاتي طرفان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ۽ ان جي نتيجي  ۾ امڪاني خطرن جي تدارڪ لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي. اين ڊي ايم اي جي ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته تيز برساتن سبب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان جي ضلعن لورالائي، قلات، سبي، مڪران، نصيرآباد ۾ ندي نالن ۾ ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. اهڙي طرح ڪابل درياءَ سان جڙيل ندي نالن ۾ ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد جمون ڪشمير ۾  به ٻوڏ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ به ٻوڏ جو خطرو برقرار آهي. اهڙي طرح دريائن ۾ تيز وهڪرن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي.

اين ڊي ايم اي پنهنجي ايڊوائري ۾ چيو آهي ته امڪاني خطرن جي تدارڪ لاءِ عوام کي اڳواٽ حفاظتي تدبيرن جي آگاهي ڏني وڃي. حساس علائقن طرف ٽريفڪ جي منظم نگراني ڪئي وڃي. هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري تيار رکي وڃي. هيٺاهين وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي لڏ پلاڻ جا به امڪان مڪمل ڪيا وڃن.