آصف زرداري ۽ نوازشريف جي دبئي ۾ ڊگهي ملاقات، نگران وزيراعظم تي اتفاق نه ٿي سگهيو

دبئي: دبئي ۾ پاڪستان جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن ۾ ڊگهي مشاورت جاري آهي پر اڃان تائين نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.

دبئي ۾  ٿيندڙ سياسي ملاقات سان جڙيل اهم ذريعي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن جي تحت چونڊن کي 6  مهينن جي لاءِ ملتوي ڪرڻ جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي پر سياسي نظام جي پختگي ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي سياسي اڳواڻن چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ به آهن

ڳالهين سان جڙيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته في الحال ٻنهي سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاڪستان ۾ پنهنجن ٻين سياسي اڳواڻن کي  ڳالهين جي باري ۾ آگاهه نه ڪيو آهي ان لاءِ ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن دبئي جي ملاقات کان لاعلمي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ذريعن موجب ٻنهي سياسي اڳواڻن ۾ وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو پر اڃان تائين ڪلاڪن جي مشاورت ۾ ڪيترائي نالا بحث آيا خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ غير سياسي شخصيت تي ڊگهو سيشن ٿيو پر حتمي فيصلو اڃان تائين نه ٿي سگهيو آهي.

رپورٽون آهن اڳوڻو وزيراعظم معاشي بهتري جي لاءِ فوري قدم کڻڻ تي زور ڏئي رهيو آهي ته جيئن عوام کي ڪجهه ريليف ڏئي سگهجي پر اڳوڻو صدر اصف زرداري ملڪ ۾ تڪڙين چونڊن کان پوءِ معاشي بهتري جي لاءِ قدم کڻڻ تي ڄميل آهي. (ن) ليگ جي ذريعن موجب اڱاري تي ٻنپهرن جو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ٻه رڪني ڪاروباري وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ سرمائيڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي