ماڊل اقرا فيض هانيه عامر کي اوور ريٽيڊ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور : پاڪستان فيشن انڊسٽري جي ماڊل اقرا فيض جو چوڻ آهي ته هانيه عامر کي ضرورت کان وڌيڪ توجهه حاصل آهي، تازو ئي ماڊل اقرا فيض هڪ نجي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، جتي هن شوبز ۽ اداڪارن جي حوالي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو

ميزبان اقرا کان سوال ڪيو ته سندس نظر ۾ انڊسٽري جي ڪهڙي اداڪاره اوور ريٽڊ آهي؟ جنهن تي اقرا فيض هانيه عامر جو نالو کڻندي چيو ته هانيه جي خلاف ته ناهيان پر سمجهان ٿي ته هانيه عامر انڊسٽري جي سڀ کان اوور ريٽڊ اداڪاره آهي

سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته يمنيٰ زيدي کي شهرت حاصل آهي، ڇو ته اها هڪ بهترين اداڪاره آهي، جڏهن ته ڏسندڙ طور کيس لڳندو آهي ته هانيه جي اداڪاري ايتري بهتر ناهي، جيتري کيس شهرت حاصل آهي.