ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ايم پي اسلم ابڙو جو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو مارجي ويا

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر اسلم ابڙو جو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو مارجي ويا آهن.

پوليس موجب  مذڪوره واقعو ڊفينس جي علائقي ۾ پيش آيو آهي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ 65 ورهين جو اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور شامل آهن

.پوليس موجب سمورا ماڻهو خيابان شمشير کان جيڪب آباد وڃي رهيا هئا. ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ 5 ڄڻا سوار هئا. گاڏي تي 30 کان وڌيڪ گولين جا نشان آهن.

اختيارين موجب حملي آور 3 موٽر سائيڪلن ۽ هڪ ڪار ۾ سوار هئا. گاڏي جي ونڊ اسڪرين تي گولين جا 9 نشان آهن فائرنگ گاڏي جي اندر کان به ٿيڻ جون شاهديون مليون آهن.

پوليس موجب واقعي ۾ 2 قسمن جي هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو آهي. واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم ۽ ڳرن هٿيارن جي گولين جا خول مليا آهن.