ڪيرتي سينن کي مينا ڪماري جو ڪردار ادا نه ڪرڻ جي صلاح

ممبئي: مشهور ڀارتي فلمساز تاج دار امروهي ڪيرتي سينن کي مينا ڪماري جو ڪردار نه ڪرڻ جومشورو ڏنو آهي. تاج دار امروهي جو چوڻ آهي ته ڪيرتي  سُٺي اداڪارا آهي پر کيس پنهنجي شهرت برقرار رکڻ لاءِ مينا ڪمارءَ جو ڪردار نه ڪرڻ گهرجي

واضح رهي ته ڪيرتي سينن جو شمار بالي ووڊ فلم جي باصلاحيت اداڪارائن ۾ ٿيندوآهي، تازو ئي هن پنهنجو پروڊڪشن هائوس لانچ ڪيو آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪيرتي سينن پنهنجي ايندڙ فلم ۾ مرحومه اداڪارا مينا ڪماريءَ جو ڪردار ادا ڪندي. ياد رهي ته مينا ڪماري مشهور ترين فلم ” پاڪيزه “ سميت نوي کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس شمار پنهنجي دور جي خوبصورت اداڪارائن ۾ ٿيندو هو، 38 ورهين جي ڄمار ۾ راهه رباني ورتائين