سنڌ جي گورنرڪراچي جي رهواسين کي ماني ٻن روپين ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي ۾ عوام کي سستي ماني ڏيڻ لاءِ 300 تندور لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ آءِ ٽي ٽيسٽ جي افتتاحي تقريب دوران سنڌ جي گورنر چيو ته پهرين مرحلي ۾ مختلف علائقن ۾ 300 تندور لڳايا ويندا جن جو انگ اڳتي هلي هڪ هزار تائين پهچائبو. هن چيو ته اسان عوام کي سستي ماني مهيا ڪرڻ چاهيون ٿا.

آءِ ٽي ٽيسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته 10 هزار شاگرد آءِ ٽي ڪورس ۾ شرڪت جي لاءِ ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن آءِ ٽي پروگرام مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نوجوانن کي روزگار ملندو. 5 لک نوجوانن آءِ ٽي ٽريننگ پروگرام جي لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي.

گورنر چيو ته متحده عرب امارات جي قونصل جنرل طرفان بهترين ڪامياب اميدوار کي نوڪري ڏيڻ جو واعدو خوشي جوڳو قدم آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان جي سافٽ ويئر هائوسز سان ڪيترائي اجلاس ڪيا آهن اهي ڪورسز  مڪمل ڪندڙ نوجوانن کي 5 لک تائين جي نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

  • شيئر