ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جا ڪيس: تحريڪ انصاف جا 2 اڳوڻا ايم پي ايز عدالت مان گرفتار

پشاور: تحريڪ انصاف جي ٻن اڳوڻن ايم پي ايز جي ضمانت واري درخوست رد ٿيڻ کان پوءِ کين عدالت مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پشاور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عامر نذير 19 ۽ 10 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ جي ٻن اڳوڻن ايم پي ايز ارباب وسيم حيات ۽ ملڪ واجد جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾  ٻئي اڳوڻا اسيمبلي ميمبر عدالت جي آڏو پيش ٿيا.

عدالت ٻڌڻي کان پوءِ ارباب وسيم ۽ ملڪ واجد جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت طرفان درخواستون رد ڪرڻ کان پوءِ پوليس ارباب وسيم ۽ ملڪ واجد کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.