9 مئي واقعا: پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي جنهن موجب عمران خان جاچ دوران جي آءِ ٽي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن کي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ ڏينهن اڳ لاهور ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو هو جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهن اچي وئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي آءِ ٽي ميمبرن کي چيو ته اوهان مان ڪنهن کي به هتي ناهي رهڻو، مان واپس اچي رهيو آهيان سڀني کي ڏسي وٺندس

ذريعن موجب جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ چيئرمين کان 9 مئي جي باري ۾ مختلف سوال ڪيا، جي آءِ ٽي ميمبرن چيو ته  اسان اوهان کان صرف پروفيشنل سوال ڪنداسين، اهو ٻڌايو ته 9 مئي تي  سڄي ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان ۾ ٽارگيٽ ۽ واردات جو طريقو هڪ جهڙو هو، اها پلاننگ هئي يا اتفاق؟

عمران خان جواب ڏنو ته جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو پلاننگ هو ان تي جي آءِ ٽي چيو ته جيڪڏهن پلاننگ هو ته اوهان جا ماڻهو ڪنٽونمينٽ طرف ڇو ويا هئا؟ ان تي عمران خان چيو ته جڏهن ڪمانڊر مون کي گرفتار ڪندو ته پوءِ انهن کي اتي ئي وڃڻو هو.

جي آءِ ٽي پڇيو ته اسان وٽ ثبوت آهن ته اوهان انهن کي مڇرايو ۽ حڪم جاري ڪيا ان تي عمران خان چيو ته مون ڪجهه ناهي چيو سڀ مرضي سان اتي ويا هئا، ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اها سازش هئي.

جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ چيئرمين کي مختلف وڊيوز ۽ تصويرون به ڏيکاريو جنهن کي پي ٽي آءِ چيئرمين سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهي منهنجا ماڻهو نه آهن.