محرم الحرام جو چنڊ ڪڏهن نظر ايندو؟ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته محرم الحرام جو چنڊ 18 جولاءِ 29 ذي الحج تي نظر اچڻ جو امڪان آهي ۽ عاشوري جو ڏينهن 28 جولاءِ جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ جي پيدائش 17 جولاءِ جي رات 11 لڳي 32 منٽن تي ٿيندي ۽ چنڊ نظر اچڻ دوران ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ڪڪر ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي.
سج شام 7 لڳي 24 منٽن تي لهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رات 8 وڳي چنڊ اڀرڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جي ڪلائميٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر جو چوڻ آهي ته سج لٿي وقت ڪراچي ۾ چنڊ جي عمر 20 ڪلاڪ 17 منٽ هوندي.
محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ جو وقت سج لٿي کانپوءِ 46 منٽن تائين آهي، جڏهن ته چنڊ نظر اچڻ لاءِ 19 ڪلاڪن جي عمر ضروري آهي.