سياسي پارٽي تي پابندي بابت ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي: اياز صادق

اسلام آباد: چونڊ اصلاحات ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير اياز صادق چيو آهي ته اسان جو ڪم چونڊ اصلاحات ڪرڻ آهي. سياسي پارٽين تي پابندي لڳائڻ نه آهي. سياسي پارٽين تي پابندي جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي.

چونڊ اصلاحات ڪميٽي جو اجلاس اياز صادق جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چونڊ اصلاحات تي ڪميٽي سفارشن کي ايندڙ هفتي حتمي شڪل ڏيندي.

اياز صادق چيو ته پارلياماني ڪميٽي ۾ چونڊ اصلاحات تي گڏيل تجويز ۾ بحث ٿي چونڊون شفاف ڪرائڻ جي لاءِ بهتر تجويزن کي غور هيٺ آندو ويو.