سعودي عرب کانپوءِ گڏيل عرب امارات به هڪ ارب ڊالرز پاڪستان کي منتقل ڪري ڇڏيا

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل عرب امارات هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي منتقل ڪيا آهن

پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته متحده عرب امارات اسٽيٽ بئنڪ اڪائونٽ ۾ رقم جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ سندن طرفان هڪ ارب ڊالرن جي تصديق ڪئي وئي آهي

هن چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ پاڪستاني عوام جي طرفان يو اي اي جي قيادت جا ٿورائتا آهن

اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب ۽ يو اي اي مان 3 ارب ڊالر آيا آهن، ان سان اسان جي اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا بهتر ٿيندا

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرايا هئا

ياد رهي ته ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پرڏيهي فنانسنگ جو معاملو طئي ٿي ويو آهي

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت طرفان موڪليل 8.2 ارب ڊالرن جي فنانسنگ گيپ پلان کي منظور ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب پاڪستان کي آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي کان فنانسنگ حاصل ڪرڻي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران چين کان 3.5 ارب ڊالرن جي فنانسنگ جو بندوبست ڪيو ويندو

ناڻي واري وزارت جي پلان موجب سعودي عرب مان 2 ارب ڊالرن جي فنانسنگ حاصل ڪرڻي هئي

ان کان علاوه يو اي اي مان هڪ ارب ڊالر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر ۽ ورلڊ بئنڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر جي فنانسنگ حاصل ڪرڻي آهي

After Saudi Arabia