سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ٻڌايو آهي ته سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته دوست ملڪ سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 ارب ڊالر ڊيپازٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

اسحاق ڊار چيو ته مان وزيراعطم شهباز شريف، آرمي چيف ۽ پنهنجي طرفان سعودي حڪومت جو ٿورو ادا ڪريان ٿو.

ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ معاشي معاملا وڌيڪ بهتري طرف ويندا. پاڪستان جي معيشت اڳ کان بهتر آهي. جلد وڌيڪ استحڪام پيدا ٿيندو.