توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري

اليڪشن ڪميشن توهين واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌريءَ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، اسد عمر جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي

پي ٽي آءِ چيئرمين، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ هلائي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو

 ٽئي ڄڻا عدالت آڏو پيش نه ٿيا، اسد عمر جي وڪيل حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي، اليڪشن ڪميشن درخواست منظور ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا