توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضريءَ کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضريءَ کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

 پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بيرسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿي ساٿي وڪيل خواجا حارث جي مصروفيت سبب حاضريءَ کان ڇوٽ جي استدعا ڪئي،

 اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز مخالفت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، ڄاڻي واڻي ڪيس جي ڪارروائي کي ڊلي ڪيو پيو وڃي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

In the Tosha Khana case