توشه خانه فوجداري ڪارروائي: پي ٽي آءِ چيئرمين سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج همايون دلاور ڪئي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل گوهر علي خان ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز پيش ٿيو. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان اڄ  حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي سڀاڻي دليل طلب ڪري ورتا ۽ ان سان گڏ ئي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

ٻڌڻي دوران بيرسٽر گوهر علي خان موقف اختيار ڪيو ته سيشن عدالت ۾ ڪيس 8 جولاءِ جي لاءِ مقرر هو پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ لاهور  هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي 7 ڏينهن ۾ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته 10 جولاءِ کان پوءِ ڪابه ايندڙ تاريخ ڏئي ڇڏيو. اسان کي خبر نه هئي ته ڪيس اڄ فڪس آهي

جج ريمارڪس ڏنا ته 7 يا 8 جولاءِ  جي تاريخ ڏئي رهيو آهيان. 10 جولاءِ تي فيصلو ڪرڻو آهي. مان 7 ۽ 8 جولاءِ تي به حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون منظور ڪري وٺندس. اوهان دليل ڏيو. 10 جولاءِ تائين فيصلو ڪرڻو آهي. اوهان کي 7 ۽ 8 جولاءِ جا 2 ڏينهن ڏئي رهيو آهيان.

بيرسٽر گوهر استدعا ڪئي ته اوهان صرف 10 جولاءِ جي تاريخ ڏئي ڇڏيو. اسان دير جا طريقا استعمال نه ڪري رهيا آهيون.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڏيڍ مهيني جو حڪم امتناع پي ٽي آءِ چيئرمين انجواءِ ڪيو آهي. 7 مهينا اڳ جتي هو. اڄ به اتي بيٺل آهي ان دوران هڪ ڀيرو به پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت ۾ حاضر نه ٿيو آهي.

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ خواجه حارث کان دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ٽرائل ڪورٽ کي ڌرين جا دليل ٻڌي هڪ هفتي ۾ ٻيهر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.