حڪومت پاران 7 جولاءِ تي يوم تقدس قرآن ملهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت 7 جولاءِ تي يوم تقدس قرآن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏينهن سوئيڊن واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 جولاءِ (جمعي) تي سڄي ملڪ ۾ يوم تقدس قرآن ملهايو ويندو ۽ سوئيڊن واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف سڀني سياسي، مذهبي جماعتن ۽ قوم کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم هڪ ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏئي، جمعي تي سڄي ملڪ ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن.