سعودي شهزادو طلال بن منصور بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو

رياض: سعودي شهزادو طلال بن منصور بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو.
سعودي عرب جي شاهي ايوان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي شهزادو طلال بن منصور بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
سعودي ميڊيا موجب شهزادي طلال بن منصور جي جنازي نماز آچر ٻه جولاءِ تي مسجد الحرام مڪي پاڪ ۾ ادا ڪئي وئي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهزادو طلال بن مصنور پهرين جنوري 1950 ۾ ڄائو، هو مشهور سيڙپڪار ۽ سعودي الاتحاد جو اڳوڻو سربراهه هو.
شهزادي طلال بن منصور جو ننڍپڻ طائف شهر ۾ گذريو، سعودي عرب جو اڳوڻو بچاءَ وارو وزير شهزادو منصور بن عبدالعزيز سندس پيءُ هو.
شهزادي طلال شروعاتي تعليم جدي ۾ حاصل ڪئي ۽ آمريڪا جي بزنس مئنيجمينٽ ڪاليج مان ڊپلومه حاصل ڪئي.

  • شيئر