قانون جي بار بار تشريح سان تڪرار جنم وٺن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آ باد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال تقريب کي خطاب ڪندي چيوآ هي ته سپريم ڪورٽ ۾ آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جي ڳالهه ٿيندي آهي، اسان قانون بابت ۽ عوامي اهميت جا معاملا ڏسندا آهيون، اسان پنهنجن اختيارين کي محتاط ٿي ڪري استعمال ڪندا آهيون

چيف جسٽس چيو ته قانون جي بار بار تشريح سان تڪرار جنم وٺن ٿا، تڪرارن کي ماهرن جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، اسان پنهنجا اختيار انتهائي احتياط سان استعمال ڪندا آهيون

چيف جسٽس چيو ته جڏهن بي يقيني واري صورتحال هجي ته مختصر مدي وارا فيصلا ڪيا ويندا آهن، واپار جي واڌاري لاءِ ريگوليٽري سسٽم جي ضرورت آهي

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته تجارت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جا رابطا بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي

نوٽ هن خبر جا وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن