گرمي جي شدت ۾ واڌ: ملڪ ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: گرمي جي شدت ۾ واڌ سان گڏ ئي ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 516 ميگاواٽ ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 8 کان 10 ڪلاڪن تائين جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

پاور ڊويزن جي ذريعن موجب بجلي جي گڏيل پيداوار 21 هزار 484 ميگاواٽ ۽ طلب 28 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي.