پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت مٿان تنقيد: بلاول ڀٽو جو رد عمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اتحادي حڪومت تي ڪيل تنقيد تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين پي ڊي ايم حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو هو ته پاڪستان خلاف آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو گڏيل اعلاميو پي ڊي ايم حڪومت جي سفارتي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي تنقيد جي جواب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فيبروري 2020ع ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀارتي دوري جي موقعي تي جاري ڪيل اعلاميو شيئر ڪري ڇڏيو.

بلاول ڀٽو طرفان شيئر ڪيل اعلاميي ۾ ٽرمپ ۽ مودي سرحد پار کان دهشتگردي جي مذمت ڪندي پاڪستان کان مطالبو ڪيو هو ته هو ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ جهڙن حملن ۾ ملوث سمورن دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي ڪري.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 2020ع ۽ اڄ جي آمريڪا ڀارت اعلاميي ۾ پاڪستان جي حوالي سان هڪ جهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن.