پاڪستان سرحد پار دهشتگردي روڪڻ لاءِ قدم کڻي: امريڪا/ڀارت

اسلام آباد: پاڪستان سرحد پار دهشتگردي روڪڻ لاءِ قدم کڻي، پاڪستان جي سرزمين ڪنهن به دهشتگرد حملي لاءِ استعمال نه ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي

آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ملاقات بعد گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ حملن ۾ ملوث ماڻهن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

پڌرنامي ۾ چيو ويو ته آمريڪا ۽ ڀارت القاعده، داعش، لشڪر طيبه، جيش محمد ۽ حزب المجاهدين سميت سمورن دهشتگرد گروهن خلاف گڏجي ڪاررائي ڪندا