سنڌ حڪومت پاران به عيد جي موڪلن جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 29 جون خميس تي ملهائي ويندي، ان سلسلي ۾ وفاق کانپوءِ سنڌ حڪومت به موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ 28 جون کان پهرين جولاءِ تائين موڪلون هونديون.