اسلام آباد: وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ تي ڏنل موڪلن تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي هفتي ۾ 6 ڏينهن کليل رهندڙ آفيسن ۾ 29 جون کان پهرين جولاءِ تائين، جڏهن ته هفتي ۾ 5 ڏينهن کليل رهندڙ ادارن ۾ 29 ۽ 30 جون جي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي پر وزيراعظم شهباز شريف 28 جون تي به عيد جي موڪل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه دير کانپوءِ ڪابينه ڊويزن طرفان نين موڪلن جي باقاعدي طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.