فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٺهندڙ بئنچ ٽٽي وئي، 7 رڪني نئين بئنچ قائم

اسلام آباد: فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود جي اعتراضن کانپوءِ نَو رڪني بئنچ ٽٽي وئي ۽ چيف جسٽس 7 رڪني نئين بئنچ جوڙي ڇڏي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 9 رڪني بئنچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي، مون کي ڪجهه چوڻو آهي، عدالت کي ٻڌڻي جو اختيار آئين جو آرٽيڪل 2/175 ڏئي ٿو، مان پنهنجي قومي ٻولي اردو ۾ ڳالهائيندس، تعجب ٿيو ته ڪالهه رات 8 وڳي ڪازلسٽ ۾ منهنجو نالو آيو، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر تي ڪا ڳالهه نه ڪندس.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڃا ٺهيو نه هو ته 13 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بئنچ منع نامي جو حڪم ڏنو، سپريم ڪورٽ ٻڌڻي جولاءِ تائين ملتوي ڪئي، سپريم ڪورٽ رولز پڙهو ڇا ٿا چون، آئين سپريم ڪورٽ کي ٻڌڻي جو اختيار ڏئي ٿو، جج جو حلف چئي ٿو ته آئين ۽ قانون موجب فيصلو ٿيندو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر هڪ قانون آهي، مان سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۾ بئنچ جو حصو ناهيان، ڪجهه نه چوندس.
هن چيو ته ان کان اڳ هڪ پاڻمرادو نوٽيس منهنجي بئنچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيو، مان پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3-184 ۾ رولز ٺاهيا وڃن، ان کانپوءِ تعجب، ڏک ۽ صدمو ٿيو ته 31 مارچ تي عشرت علي صاحب سرڪلر جاري ڪيو، عشرت علي صاحب 31 مارچ جي سرڪلر ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 15 مارچ جي حڪم کي نظرانداز ڪيو، پوءِ سپريم ڪورٽ 6 ميمبرن جي بئنچ ٺاهي سرڪلر جي منظوري ڏني ۽ منهنجو فيصلو واپس ورتو، منهنجا دوست يقينن مون کان قابل آهن پر مان پنهنجي ايمان تي فيصلو ڪندس.
سندس چوڻ هو ته مون کي جيڪا درخواست رات دير سان وصول ٿي، ان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي به درخواست هئي، اڄ ڪازلسٽ ۾ آخر ۾ ايندڙ درخواست سڀ کان اڳ مقرر ڪئي وئي، مان ان بئنچ کي ”بئنچ“ نٿو سمجهان، مان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جو فيصلو ڪيو وڃي، منهنجو موقف آهي ته جيستائين پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي ٺڪاڻي نٿو لڳايو وڃي تيستائين ڪنهن بئنچ ۾ نٿو ويهي سگهان.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان ۽ جسٽس طارق مسعود ٻڏتر ۾ هئاسين ته ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪيون يا نه، سڀني کان معذرت ٿو ڪيان، مان بئنچ مان اٿي رهيو آهيان، جيستائين سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر جو فيصلو نٿو ٿئي مان هن عدالت کي نٿو مڃان.
ان موقعي تي ٻئي سينيئر جج طارق مسعود چيو ته مان به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان اتفاق ڪيان ٿو، جيستائين انهن قانونن جو فيصلو نٿو ٿئي مان به بئنچ ۾ نٿو ويهي سگهان.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي، اعتراض ڪندڙ ٻئي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود بئنچ ۾ شامل ناهن.

The bench formed on the petitions against the trials of civilians in the military courts was dissolved