سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج قاضي محمد امين دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو اڳوڻو جج قاضي محمد امين دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

خانداني ذريعن موجب جسٽس(ر)قاضي امين گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان راولپنڊي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ علاج هيٺ هو. خانداني ذريعن موجب جسٽس(ر) قاضي امين جي جنازي نماز اڄ شام 6 وڳي راولپنڊي ۾ ادا ڪئي ويندي.