صدر عارف علوي جسٽس فائز عيسيٰ جي بطور چيف جسٽس مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بطور چيف جسٽس مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال آئين جي آرٽيڪل 179 جي تحت 16 سيپٽمبر 2023 تي رٽائرڊ ٿيندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بطور چيف جسٽس سپريم ڪورٽ مقرري جو اطلاق 17 سيپٽمبر 20223 کان جسٽس عمر عطا بنديال جي ريٽائرمينٽ سان ٿيندو.

صدر عارف علوي چيف جسٽس جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اي 3 جي تحت ڪئي آهي. صدر عارف علوي 2 مهينا اڳ ئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بنجڻ جي منظوري ڏني آهي. فائز عيسيٰ پاڪستان جو 29هون چيف جسٽس هوندو.