انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي سامهون آئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 4 پئسا گهٽيو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 287.22 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 2 رپيا گهٽجي 292 رپيا ٿي ويو آهي.