آءِ ايم ايف معاهدي جي بحالي: پاڪستان برطانيه کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد: نومبر 2022 کان معطلي جو شڪار ٿيندڙ آءِ ايم ايف معاهدي جي بحالي لاءِ پاڪستان برطانيه کان مدد گهري ورتي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ورچوئل ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران اسحاق ڊار برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال کان آگاهه ڪيو.

ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا مضبوط بنائڻ لاءِ تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران اسحاق ڊار عالمي مالياتي اداري  سان اسٽاف ليول معاهدي جي لاءِ مدد گهري ورتي.

ملاقات دوران برطانوي سفير ناڻي واري وزير کي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي لاءِ تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. برطانوي سفير آءِ ايم ايف اختيارين سان پروگرام جي بحالي لاءِ ڳالهيون ڪندو.

ياد رهي ته ان کان اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان معاهدي جي بحالي لاءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان به خصوصي ملاقات دوران تعاون جي درخواست ڪئي هئي.