ضمانت رد ٿيڻ تي شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر عدالت مان فرار

اسلام آباد: 9 مئي واقعن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر عدالت مان فرار ٿي ويا.

رپورٽ موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر خلاف ترنول ٿاڻي تي داخل ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اسد عمر، اسد قيصر ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

ضمانت رد ٿيڻ تي شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر گرفتاري کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي اڳواڻ هڪ ئي گاڏي ۾ ويهي عدالت مان فرار ٿي ويا.

ٻنهي اڳواڻن جي عدالت مان فرار ٿيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻئي اڳواڻ ڪهڙي طرح سان تيزي سان هلندي گاڏي ۾ ويهي فوري طور تي روانا ٿي ويا.