چوڌري شجاعت حسين جي پرويز الاهي سان جيل ۾ ملاقات

لاهور: مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين جيل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز  الاهي سان ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملاقات دوران چوڌري شجاعت حسين جو پٽ به موجود هو.

ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين طرفان چوڌري پرويز الاهي جي طبيعت پڇا ڪئي وئي. ملاقات دوران سياسي حوالي سان  به ڳالهيون ڪيون ويون.

ڪيمپ جيل ۾ ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. گهرو وزارت جي اجازت سان ملاقات ايڊمن بلاڪ ۾ ڪرائي وئي.

ٻئي طرف پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته منهنجي والد کي ان جي وڪيلن سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي. منهنجي والده کي به ملاقات جي اجازت نه آهي.

هن ٻڌايو ته ته آءِ جي جيل پاڻ چوڌري شجاعت ۽ سالڪ حسين کي ملرائڻ لاءِ وٺي ويو آهي. پر وڪيلن ۽ والده سان ملاقات نه پئي ڪرڻ ڏني وڃي.