شهريار آفريدي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ شهريار آفريدي خلاف 9 مئي جي واقعن تي آءِ نائن ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. شهريار آفريدي کي جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوڊيشل مئجٽريٽ نويد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت شهريار آفريدي  جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ کيس 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو.

پوليس شهريار آفريدي جي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي هئي. 17 جون تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن  ڪورٽ اسلام آباد مان شهريار آفريدي کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو هو.

  • شيئر